حيدرآباد جو اڳيون اوج

حيدرآباد جو اڳيون اوج

حيدرآباد جو اڳيون اوج

حيدرآباد جو اڳيون اوج (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پروفيسر، ڊاڪٽر حبيب الله مرزا جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ حيدرآباد جي تاريخ، رسمون رواج، تاريخي واقعا ۽ حڪايتون درج آهن. ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 8 باب: (1) حيدرآباد شهر بابت هڪ مختصر تحقيق، (2) حيدرآباد شهر جا رستا بازاريون، چونڪ، چاڙهيون، ڳوٺ، مقام ۽ باغ، (3) حيدرآباد جا هندو، (4) هندن جا ڏڻ ملهائڻ جهڙا ڏينهن، (5) حيدرآباد جي هندن جا سنلسا، ٽواٽا ۽ قبيون وغيره شامل آهن. ڀاڱي ٻئي ۾ حيدرآباد ۾: (1) عجيب رسمون ۽ عقيدا، (2) علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ سان ملاقات، (3) گول پارڪ، (4) اُستي محمد هاشم جو حج وغيره جهڙا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جي ڀاڱي ٽئين ۾ 9 باب شامل آهن،جن ۾: (1) انگريزن جي دؤر واريون ڳالهيون، (2) عجيب قسم جون ٺڳيون ۽ چالاڪيون، (3) چند تاريخي واقعا، (4) پاڪستان جي قيام کان پوءِ مهاجرن جو حيدرآباد ۾ اچڻ ۽ انهن جون عجيب حرڪتون وغيره شامل آهن. هيءُ ڪتاب 2009ع ۾ روشني پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو، 344 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو